ڀارت؛6 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ ۾ 8 ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي 18 رانديگرن ۽ آفيسرن تي ٻڌل هاڪي جٿو چيمپئنز ٽرافي هاڪي ٽورنامنيٽ ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت روانو ٿي ويو، ڀارتي رياست اڙيسا ۾ 6 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ ۾ 8 ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن، جڏهن ته قومي ٽيم محمد عمران جي اڳواڻيءَ ۾ واهگه بارڊر رستي پاڙيسري ملڪ رواني ٿي، پاڪستان ايونٽ جو پهريون ميچ 6 ڊسمبر تي بيلجيئم خلاف کيڏندو، جڏهن ته ايونٽ جو فائنل 14 ڊسمبر تي ٿيندو، ڀارت وڃڻ کان اڳ پاڪستان هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ شهناز شيخ جو چوڻ هو ته ايشين گيمز ۾ جيڪا کوٽ رهجي وئي هئي اها پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ پوري ڪوشش هوندي ته ٽورنامينٽ کٽي ڏيهه موٽون، جڏهن هڪ سال کان پوءِ يورپين ٽيم سان کيڏي رهيا آهيون، ان بابت ڇوڪرن تمام گھڻي محنت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *