پي سي بي ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي هيڊ ڪوچ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي سي بي ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي هيڊ ڪوچ محمد اڪرم وچ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا، پي سي بيءَ جي اڳوڻي چيئرمين ذڪا اشرف جي دور ۾ محمد اڪرم سان ٿيل معاهدي جو ٻيهر جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي اڳوڻي فاسٽ بالر سان معاهدو ختم ڪرڻ لاءِ قانوني ماهرن سان صلاحون ڪري رهيو آهي، ڇو ته گورننگ بورڊ جي گڏجاڻيءَ ۾ سندس ڪارڪردگي ۽ معاهدي تي آڱريون اٿيون هيون. ذڪا اشرف جي دور ۾ محمد اڪرم سان ٻن سالن جو معاهدو ڪيو ويو هو، جنهن تحت کيس ڊالرن ۾ پگھار ڏني ويندي آهي، سندس ماهوار معاوضو 7 هزار ڊالرن جي لڳ ڀڳ ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته ڊيلي الائونس به ڊالرن ۾ ادا ٿيندا آهن، جيڪي ڏهاڙي 114 ڊالر جي لڳ ڀڳ آهن. گورننگ باڊي جي گڏجاڻي ۾ محمد اڪرم تي خاص بحث ٿيو ۽ سندس معاهدي تي سخت کٽڪن جو اظهار ڪيو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ ان ڳالهه جو به انڪشاف ٿيو ته مئنيجمينٽ ۽ سينيئر رانديگرن ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ ۾ به سندس هٿ آهي. ڪپتان مصباح الحق جو فٽنس ڪيمپ دوران غير ضروري طور وزن گھٽ ڪرايو ويو جنهن جو خراب اثر سندس پرفارمنس تي ٿيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *