پي سي بي قطر  ۾ سپر ليگ ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

دوحا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ لاءِ گڏيل عرب عمارات سان ڳالهين ۾ ناڪامي کانپوءِ پي سي بي قطر  ۾ سپر ليگ ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پي سي بي قطر جي انتظاميا سان رابطا شروع ڪري ڏنا آهن، جڏهن ته ان حوالي سان ان کي آڇ به ڪئي آهي. قطر جي واحد ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان سپر ليگ ڪرڻ لاءِ پي سي بي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان حوالي سان قطري اختيارين سان رابطا به شروع ڪري ڏنا آهن، پاڪستان سپر ليگ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ عالمي معيار مطابق سمورن انتظامن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي ۽ خاص طور تي ناليوارن رانديگرن جي وڏي انگ کي ايونٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوششون هلي رهيون آهن. پي سي بي جي چئيرمين شهريار خان ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي سپر ليگ جي تيارين ۾ آهن، پر هنن ايندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندڙ سپر ليگ جي حوالي سان ڪو به چٽو اعلان ناهي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *