اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي هيڊ انتخاب عالم چيو آهي بورڊ طرفان بالرن جي غير قانوني ايڪشن تي نظر رکڻ لاءِ آسٽريليا مان سافٽ ويئر خريد ڪيو ويندو جنهن تحت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل( آءِ سي سي) طرفان بالرن کي 15 ڊگري ايلبو جي توسيعي حد عبور ڪرڻ واري عمل جو پتو لڳايو ويندو. انتخاب عالم چيو ته لاهور جي قومي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ 22 هاءِ اسپيڊ ڪئميرائن ۽ لاڳاپيل سافٽ ويئرز واري بايو ميڪنڪس ليباريٽري قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ پي سي بي طرفان بالرن جي غير قانوني ايڪشن تي نظر رکڻ لاءِ آسٽريليا مان هڪ سافٽ ويئر پڻ گهرايو ويندو.