پي سي بي جي چيئرمين جي صدارت هيٺ بورڊ آف گورنر جو 32هون اجلاس اڄ ٿيندو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين جي صدارت هيٺ بورڊ آف گورنر جو 32هون اجلاس (اڄ) جمعي ڏينهن ٿيندو. چيئرمين شهريار خان جي صدارت ۾ منعقد ڪيل اجلاس ۾ چيئرمين پاران پيش ڪيل ڪرڪيٽ ڊولپمينٽ پروگرام کان علاوه سال 13-2012ع جي بجيٽ جي آڊٽ رپورٽ ميڊيا رائيٽس جي باري ۾ ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي سفارش پاڪستان پريميئر ليگ سعيد اجمل ۽ محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن تي اپ ڊيٽ، ملازمن جي ڇنڊڇاڻ ۽ ڊبل جاب ڪندڙ ملازمن جي باري ۾ فيصلو ڏيڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو هو پر ان تي ڪوبه عمل نه ڪيو ويو. پي سي بي جي بورڊ آف گورنرز ۾ اسلام آباد ريجن جو شڪيل شيخ، پشاور ريجن جو گل زاده، نيسنل بئنڪ جو مينجر اقبال قاسم، يونائيٽيڊ بئنڪ مان منصور مسعود خان، واپڊا مان يوسف نسيم کوکر، ڪراچيءَ مان پروفيسر اعجاز فاروقي، نجم سيٺي آءِ پي سي جي سيڪريٽري چوڌري اعجاز، چيف آپريٽنگ آفيسر سبحان احمد، سي ايف او بدر خان، سلمان نصير (سيڪريٽري ۽ امجد لطيف شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *