پي سي بيءَ ٽيسٽ ڪرڪيٽر فيصل اقبال تي چئن ميچن جي پابندي هڻي ڇڏي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي سي بيءَ ٽيسٽ ڪرڪيٽر فيصل اقبال تي چئن ميچن جي پابندي هڻي ڇڏي آهي. هو 15 مئي کان شروع ٿيندڙ ڊوميسٽڪ سپر ايٽ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ نه کيڏي سگھندو. چار مهينا اڳ ڪراچي ۾ پينٽانگولر ڪپ ۾ فيصل اقبال ڪراچي ڊولفنز جي نمائندگي ڪري رهيو هو. ڪوچ توصيف احمد سان جھيڙي جي ڪري فيصل اقبال ميچ دوران ڊريسنگ روم ڇڏي بنا ٻڌائڻ جي گھر هليو ويو هو، جنهن تي مينيجر رپورٽ پيش ڪئي هئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فيصل اقبال تي چئن ميچن جي پابندي هڻي ڇڏي آهي ۽ هاڻ هو سپر ايٽ ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪراچي جي نمائندگي نه ڪري سگھندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *