پيٽرسن تي اعتماد نه ٿا ڪري سگهون: اسٽراس

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بورڊ جي نئين ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ اينڊريو اسٽراس بيٽسمين ڪيون پيٽرسن جي شاندار ڪارڪردگيءَ باوجود کيس ٽيم ۾ نه چونڊڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪيون پيٽرسن سومر تي ڪائونٽي چيمپئن شپ ۾ سري جي نمائندگي ڪندي لسٽر شائر خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽرپل سينچري مڪمل ڪئي. هن 373 بالن تي 34 چوڪن ۽ 14 ڇڪن جي مدد سان ناقابل شڪست 355 رنسن جي اننگ کيڏي، جنهن جي ڪري ان جي ٽيم 557 رنسون ٺاهيون. پر ان شاندار ڪارڪردگيءَ باوجود ان جي لاءِ انگلش ڪرڪيٽ جا دروازا ناهن کلي سگھيا ۽ انگلينڊ جي نئين ڊائريڪٽر ان سيزن ۾ پيٽرسن جي ٽيم ۾ واپسيءَ جي امڪانن کي رد ڪندي چيو ته پيٽرسن تي اعتماد نه ٿا ڪري سگھون. واضح رهي ته ماضيءَ ۾ پيٽرسن پنهنجي اڳوڻي ڪپتان اينڊريو اسٽراس سان لاڳاپا تمام ڇڪتاڻ وارا رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *