پينٽنگيولر ڪرڪيٽ ڪپ ون ڊي ٽورنامينٽ 31 ڊسمبر کان شروع ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اهتمام هيٺ پينٽنگيولر ڪپ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 31 ڊسمبر کان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ شروع ٿيندو. شيڊول مطابق ايونٽ ملتان ۾ ٿيڻو هو پر خراب موسم جي ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو. پي سي بي ايندڙ سال رٿيل آءِ سي سي ورلڊڪپ کان اڳ ٽورنامينٽ شروع ڪيو آهي ته جيئن ان ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي ميگا ايونٽ لاءِ قومي ٽيم ۾ چونڊي سگهجي. ايونٽ ۾ سڄي ملڪ مان 5 ٽيمون جن ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان، فيڊرل ايرياز ۽ خيبر پختونخواه شامل آهن، شرڪت ڪنديون. ايونٽ لاءِ سمورن انتظامن کي قطعي شڪل ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *