پشاور سانحي تي ڪيوي راندير به ڏکايل، پرائيز مني موڪلي آهي: يونس خان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو آهي ته هو جلد پشاور سانحي ۾ شهيد ٻارڙن جي والدين سان ملاقات ڪندو اڳوڻي ڪپتان چيو ته ڪيوي ٽيم جا رانديگر به افسوسناڪ سانحي تي ڏکايل هئا ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهايندي يونس خان چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني ڪرڪيٽرز وانگر پشاور سانحي جو نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي به ڏک ٿيو آهي هن چيو ته ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪين ويلم سن پنجن مئچن جي پرائز مني ۽ فاسٽ بالر ايڊملن هڪ مئچ جي پرائز مني انهن جي حوالي ڪئي آهي جيڪا هو جلد پشاور وڃي پاڪ فوج جي حوالي ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *