پراميد آهيان ته جلد آءِ سي سي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندي؛فاسٽ بالر محمد عامر

لاهور(اسپورٽس نيوز)اسپاٽ فڪسنگ ڪيس سبب پاپندي کي منهن ڏيندڙ نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته آءِ سي سي پاران ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملڻ بعد هو پنهنجي فٽنس ۽ فارم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪندو. پنجاب جي شهر گوجر خان ۾ جنم وٺندڙ فاسٽ بالر محمد عامر 2009۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ قدم رکيو۽ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب جلد قومي ٽيم جو اهم ميمبر ٿي ويو. ڏيڍ سال جي ڪريئر ۾ محمد عامر 14 ٽيسٽ ميچز ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندي 51 وڪيٽون حاصل ڪيون. سندس بهترين بالنگ 84 رنز عيوض ڇهه وڪيٽون آهن. محمد عامر 15ون ڊي ميچز ۾ 25 وڪيٽون، جڏهن ته 18 ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ 23 وڪيٽون حاصل ڪيون. واضح رهي ته محمد عامر مٿان 2010 ۾ انگلينڊ خلاف لارڊز ٽيسٽ ميچ ۾ اسپاٽ فڪسنگ جي الزام ثابت ٿيڻ  سبب آءِ سي سي پاران پنج سالن جي پاپندي مڙهي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *