پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي، سڀ زخمي ڀرجي ويا:احسن رضا

لاهور (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ٽيم تي حملي ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪستاني امپائر احسن رضا به زمبابوي ٽيم جي آمد تي تمام گھڻو خوش نظر آيو، سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي، سڀ زخمي ڀرجي ويا. قذافي اسٽيڊيم ۾ ئي ڪرڪيٽ دشمنن جو نشانو بڻجندڙ احسن رضا چيو ته حملي کان پوءِ مان مايوس نه ٿيو هوس ۽ مون کي اڄوڪي ڏينهن جو انتظار هو. امپائر جو چوڻ هو ته زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان آئي آهي، اها منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي خوشخبري آهي، ان کان پوءِ منهنجي زندگيءَ جون سموريون ڪَڙيون يادگيريون به ختم ۽ سمورا زخم ڀرجي ويا آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ جي ڪاري رات هاڻي روشينين ۾ بدلجي رهي آهي، جنهن کان پوءِ ڪرڪيٽ جي دشمنن جو نشانو بڻجندڙ احسن رضا سميت سڀ تمام گھڻا خوش آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *