پاڪستان ۽ ڀارت و چ ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپا بحال ٿيڻ گهرجن: انضمام الحق

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپا بحال ٿيڻ ضروري آهن پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ دنيا کي حيران ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ڪپتان جي تبديلي جو وقت ناهي رهيو مصباح الحق تي ميگا ايوانٽ تائين اعتماد برقرار رکڻو پوندو تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان کي لازمي طور تي مصباح کي قائد برقرار رکڻ گهرجي ڇو ته هاڻي ايترو وقت ناهي جو اوهان قيادت ۾ تبديلي آڻيون مان ڄاڻان ٿو ته مصباح ڪجهه شيون ۾ موجود آهي جڏهن ته کيس گهٽ ۾ گهٽ ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ گهرجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *