پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميگا ايونٽ جي اهم ميچ 15 فيبروري تي کيڏي ويندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ هلندڙ مهيني شروع ٿيندڙ ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جي اهم ميچ روايتي مخالف پاڪسان ۽ ڀارت وچ ۾ 15 فيبروري تي ايڊيليڊ اوول گرائونڊ تي کيڏي ويندي. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ٿيندڙ ميچ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ ميچ هوندي آهي. پاڪستاني ٽيم هن وقت تائين ورلڊڪپ مقابلن ۾ روايتي مخالف کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. رپورٽ مطابق پاڪ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ 15 فيبروري تي ٿيندڙ ميچ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ ميچ هوندي. جنهن کي سڄي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ڪرڪيٽ جا شوقين ڏسندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *