پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻئين ميچ 17 نومبر کان دبئي ۾ شروع ٿيندي

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ ٽن ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻئين ٽيسٽ ميچ 17 نومبر کان دبئي انٽر نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان کي ڪيويز خلاف سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. پاڪستان ڪيويز کي پهرين ميچ ۾ 248 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪئي. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 نومبر تائين شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دنيا جي مختلف گرائونڊز ۾ کڏيل ٽيسٽ ميچن ۾ ڪاميابي جي حوالي سان پاڪستاني ٽيم اڳتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *