پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ پنجن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جو آغاز اڄ ٿيندو

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز جو آغاز اڄ سومر تي ٿيندو، ميچ ڊي اينڊ نائيٽ ۽ پاڪستاني وقت موجب شام چار وڳي شروع ٿيندو، پاڪستاني ٽيم جي قيادت مصباح الحق ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ احمد شهزاد، اسد شفيق، بلاول ڀٽي، هارس سهيل، محمد حفيظ، محمد عرفان، ناصر جمشيد، سرفراز احمد، شاهد آفريد، سهيل تنوير، عمر اڪمل، عم گل، وهاب رياض، يونس خان ۽ ذوالفقار بابر شامل آهن، نيوزي لينڊ جي قيادت ڪين بيليمسن ڪندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمارات جون وڪيٽون آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ کان مختلف آهن، اسان کي پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻي پوندي ۽ تلسلس سان ميچون کٽيون پونديون، هن چيو ته يونس خان اسان کي پنهنجي مفيد تجربي مان فائدو پهچائي سگهيو ٿو، مصباح اشارو ڏنو ته ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان سرفراز احمد بدران اسپيلشلسٽ اوپنگ جوڙي احمد شهزاد ۽ محمد حفيظ سان ميدان ۾ لهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *