پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان 50 ميچن مان 23 کٽيون، 7 هارايون

لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ دنيا جي مختلف گرائونڊن ۾ هن وقت تائين کيڏيل ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان وڌيڪ ميچن ۾ ڪامياب ٿيو آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 1955 کان وٺي 2011 تائين 50 ٽيسٽ ميچون کيڏيون ويون آهن جن مان پاڪستان 23 ٽيسٽ ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته 7 ميچون نيوزيلينڊ کٽيون ۽ 20 ميچون ڊرا ٿيون، پاڪستان جي ٽيم هن وقت تائين دنيا جي مختلف ٽيمن سان 384 ٽيسٽ ميچون کيڏيون آهن، جن مان 120 ۾ ڪاميابي هاصل ڪئي آهي ۽ 105 هارايون آهن 155 ميچون برابر رهيون، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 1930 کان 2014ع تائين 394 ٽيسٽ ميچون کيڏيون، جن مان 77 کٽيون ۽ 159 هارايون آهن، جڏهن ته 190 ميچون ڊرا ٿيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *