پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

شارجه(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ (سڀاڻي) کان شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. گرين ڪيپس کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. ابوظهبي ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان 248 رنسن جي ڳري مارجن سان فتح حاصل ڪئي. جيڪا دبئي ۾ کيڏي وئي. ٻين ٽيسٽ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڊرا ٿي وئي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت لاءِ شارجه پهچي وئي آهي. ٽيسٽ سيريز کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ڊي اينڊ نائيٽ ٽي 20 ميچ 4 ڊسمبر تي دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان وقت موجب رات 9 وڳي کيڏي ويندي. ٻي ٽي 20 ميچ 5 ڊسمبر تي دبئي ۾ رات 9 وڳي شروع ٿيندي. پنج ڊي اينڊ نائيٽ ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ 8 ڊسمبر تي دبئي ۾ منجهند 4 وڳي شروع ٿيندي. ٻي ون ڊي 12 ڊسمبر تي منجهند 4 وڳي شارجه ۾، ٽين ون ڊي ميچ 14 ڊسمبر تي شارجه ۾ منجهند 4 وڳي، چوٿين ون ڊي 17 ڊسمبر تي ابوظهبي اسٽيڊيم ۾ منجهند جو 4 وڳي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 19 ڊسمبر تي شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *