پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ اڄ دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي

دبئي(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ اڄ دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي مليل آهي. ابوظهبي ۾ ٿيل پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي 248 رنسن تان هارايو هو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هيستائين ٿيل ميچن ۾ پاڪستان جو پاسو ڳرو آهي. 51 ميچن مان پاڪستان 24 ۾ ڪاميابي جڏهن ته 7 ميچن ۾ نيوزيلينڊ ڪامياب ٿيو هو. ٻئي طرف پي سي بيءَ طرفان نيوزيلينڊ خلاف باقي ٽيسٽ ميچن ۾ ساڳي جٿي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته احمد شهزاد جي زخمي ٿي ڏيهه ورڻ کان پوءِ توفيق عمر کي مهمان ٽيم خلاف کاتو کوليندڙ بيٽسمين طور کيڏائڻ جا امڪان آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *