پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻين ٽيسٽ اڄ شروع ٿيندي

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻين ۽ آخري ٽيسٽ (سڀاڻي) اربع کان شير بنگله نيشنل اسٽيڊيمميرپور ۾ شروع ٿيندي. بنگلاديش جي دؤري ۾ پاڪستان هيستائني ڪا ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي. وارم اپ ميچ سميت ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۽ واحد ٽي 20 ميچ ۾ شڪست جو مُنهن ڏسڻو پيو جڏهن ته سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ پڻ پاڪستان فتح جو بهترين موقعو وڄايو ۽ بنگلاديش ٽيسٽ ڊرا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. قومي ٽيم وٽ ون ڊي سيريز ۽ واحد ٽي 20 ۾ شسڪت جو ازالو ڪرڻ لاءِ هي آخري موقعو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ سخت هوندي ۽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ ٻنهن ٽيمن جي ڪپتان بيان ڏنا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *