پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻئين ٽيسٽ 6 مئي کان شروع ٿيندي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ 6 کان 10 مئي تائين شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي، بنگلاديش جي دوري ۾ پاڪستان هن وقت تائين ڪا ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي، وارم اپ ميچ سميت ان کي ٽن ون ڊي ميچجز جي سيريز ۽ واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ پڻ پاڪستان ڪاميابي جو بهترين موقعو وڃائي ڇڏيو ۽ بنگلاديش ٽيسٽ ڊرا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، قومي ٽيم وٽ ون ڊي سيريز ۽ واحد ٽي – 20 ۾ شڪست جي ازالي جو اهو آخري موقعو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *