پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ڪرڪيٽ ٽيمون ورلڊ ڪپ جي ٽئين ڪوارٽر فائنل ۾ (اڄ) هڪ ٻئي جون پاڻي ڪڇينديون

ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ڪرڪيٽ ٽيمون ورلڊ ڪپ جي ٽئين ڪوارٽر فائنل ۾ (اڄ) جمعي تي اوول،ايڊيليڊ ۾ هڪ ٻئي جون پاڻي ڪڇينديون. ميچ مصنوعي روشنين ۾ کيڏي ويندي ۽ پاڪستانيوقت مطابق صبح جو ساڍي 8 وڳي شروع ٿيندي. آ سي سي ناڪ آئوٽ رائونڊ لاءِ ڪو به ريزرور ڊي ناهي رکيو تنهن ڪري جيڪڏهن ڪوارٽر فائنل برسات جي نذر ٿي ٿو وڃي يا وري ميچ ٽاءِ ٿي وڃي ته پوءِ پول ۾ بهتر پوزيشن واري ٽيم سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندي. آسٽريليا پول اي ۾ ٻين ۽ پاڪستان پول بي ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي تنهن ڪري جيڪڏهن مقابلو برسات سبب نه ٿي سگهيو يا ٽاءِ ٿيو ته ڪينگروز ئي اڳتي ايندا تنهن ڪري هاڻي پاڪستان کي سٺي راند کيڏڻ سان گڏوگڏ موسم به سٺي رهڻ جي دعا ڪرڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *