پاڪستان پنهنجي ڇهين ۽ آخري گروپ ميچ 15 مارچ تي آئرلينڊ خلاف کيڏندو

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊڪپ ۾ پاڪستان پنهنجي ڇهين ۽ آخري گروپ ميچ 15 مارچ تي آئرلينڊ خلاف ايڊيليڊ اوول ۾ کيڏندو. پول بي ۾ ڀارت 8 پوائنٽن سان سرفهرست آهي ۽ ان ڪوارٽر فائينل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. پاڪستان لاءِ آئرلينڊ خلاف ميچ وڏي اهميت رکي ٿي جنهن ۾ فتح جي صورت ۾ ان جي ڪوارٽر فائينل ۾ جاءِ پڪي ٿي ويندي. هن وقت پول بي ۾ ڏکڻ آفريقا، پاڪستان ۽ آئرلينڊ 6-6 پوائنٽن سان رن ريٽ جي اعتبار کان ترتيبوار ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن. آئرلينڊ جون اڃا 2 گروپ ميچون باقي آهن جڏهن ته ويسٽ انڊيز پنهنجي آخري ميچ يو اي اي خلاف کيڏندو. آئرلينڊ کان شڪست ۽ ويسٽ انڊيز جي يو اي اي خلاف ڳري مارجن ڪاميابي گرين شرٽس لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري سگهن ٿيون. ان لاءِ پاڪستاني ٽيم کي ڪنهن پريشاني کان بچڻ لاءِ آئرلينڊ کي شڪست ڏيڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *