پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ: پاڪستان واپڊا ۽ پي آءِ اي جي وچ ۾ ميچ اڄ ٿيندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ملڪ ۾ جاري 11هين پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ ۾ پاڪستان واپڊا ۽ پي آءِ اي جي ٽيمن و ۾ ميچ ڇنڇر واري ڏينهن ريلوي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي. جنهن ۾ سموري ملڪ مان 12 ٽيمون  حصو وٺي رهيون آهن جن ۾ دفاعي چيمپئن ڪي آر ايل، ڪراچي اليڪٽرڪ، پاڪستان واپڊا، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان آرمي، پي آءِ اي، مسلم ڪلب چمن، ڪي پي ٽي، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، چمن افغانستان ايف سي، پاسڪتان ريلوي ۽ بلوچ ڪلب ڪوئيٽه شامل آهن..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *