پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي جنرل اسيمبليءَ جو اجلاس 28 نومبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي جنرل اسيمبليءَ جو اجلاس 28 نومبر تي پي ٽي ايف ٽينس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. اجلاس جي صدارت پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي صدر سيد ڪليم امام ڪندو، جنهن ۾ فيڊريشن ۽ سمورين ايونٽس جا ميمبر شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ ٿيندڙ چونڊن کي قطعي شڪل ڏني ويندي ۽ گذريل 4 سالن ۾ سمورين ايونٽس جي سرگرمين جو جائزو ورتو ويندو. واضح رهي ته پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي موجوده ميمبرن جي عهدن کي 4 سالن جو عرصو اربع ڏينهن ختم ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *