پاڪستاني ٽيم 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ورتيون

ڪرائسٽ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين احمد شهزاد چيو آهي ته ڀارت خلاف شڪست ماضيءَ جو حصو بڻجي وئي آهي. هن چيو ته سندس ٽيم شڪست کي وساري ويسٽ انڊيز جي خلاف ڪاميابيءَ لاءِ ميدان ۾ ايندي. پاڪستاني ٽيم 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ورتيون آهن جڏهن ته ٻئي ٽيمون گروپ بي جي اهم ميچ ۾ 21 فيبروري تي آمهون سامهون ٿينديون. هي ميچ پاڪستاني وقت جي مطابق رات 3 وڳي شروع ٿيندي. شروعاتي ميچن ۾ شڪست کانپوءِ ٻنهي ٽيمن لاءِ هي ميچ تمام گهڻو اهم آهي. انهن جي ڪوشش آهي ته ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ميگا ايونٽ ۾ جاندار واپسي آڻين. ان سلسلي ۾ مصباح اليون ڪرائسٽ چرچ ۾ تيارين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. رانديگرن پهرين ڏينهن ڀرپور ينٽ پريڪٽس ڪئي جڏهن ته گرين شرٽس جمعي تائين پريڪٽس ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *