پاڪستاني ٽيم وٽ ڪينگروز کي هارائي آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪرڻ جو موقعو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم وٽ آسٽريليا کي ٽيسٽ سيريز ۾ 0-2 تان شڪست ڏئي آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪرڻ جو موقعو آهي، آسٽريلوي ٽيم پاڪستان کي هارائي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ٻيهر ٽاپ پوزيشن تي اچي سگهي ٿي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ 30 آڪٽوبر کان ابوظهبي ۾ شروع ٿي رهي آهي ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ کي بهتر بنائڻ جي حوالي سان سخت مقابلي جي توقع آهي، آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب هن وقت ڏکڻ آفريقن ٽيم پهرين، آسٽريليا ٻئين، انگلينڊ ٽئين، سريلنڪا چوٿين، ڀارت پنجين ۽ پاڪستان ڇهين نمبر تي موجود آهي، جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم ڪينگروز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ 0-2 تان ڪاميابي حاصل ڪري ٿي ته اها ٽي درجا ترقي حاصل ڪري ٽئين نمبر تي اچي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *