پاڪستاني آل رائونڊر عبدالرزاق اڄ 35هين سالگرهه ملهائيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اسٽار آل رائونڊر عبدالرزاق (اڄ) اڱاري تي پنهنجي 35هين سالگرهه ملهائيندو، عبدالرزاق 2 ڊسمبر 1979 تي لاهور ۾ پيدا ٿيو، هن پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات 5 نومبر 1999ع کان برسبين ۾ آسٽريليا خلاف ڪئي ۽ 2006ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف آخري ٽيسٽ کيڏي، هن 1996ع ۾ ون ڊي ڪيريئر شروع ڪيو ۽ آخري ڀيرو 2011ع ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي، هن 2006ع ۾ انگلينڊ خلاف ٽي – 20 ڪيريئر شروع ڪيو ۽ گذريل سال ڏکڻ آفريقا خلاف آخري ٽي – 20 ميچ کيڏي، سندس ڳاڻيٽو ڪرڪيٽ جي دنيا جي بهترين آل رائونڊرس ۾ ٿئي ٿو ۽ هن ڪيترائي ڀيرا پاڪستان کي ڪاميابيون ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *