پاڪستان، نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) دبئي ۾ ٿيندي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي شروعات (اڄ) 4 ڊسمبر تي دبئي ۾ شروع ٿيندر پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ سان ٿيندي. ميچ پاڪستاني وقت موجب رات 9 وڳي شروع ٿيندي. جڏهن ته ٻين ميچ پنج ڊسمبر تي شروع ٿيندي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کٽڻ جي حوالي سان پاڪستان ٽيم اڳتي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هيلتائين 9 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون ويون آهن. جنهن ۾ نيوزيلينڊ 3 ميچون کٽيون آهن. ۽ پاڪستان جي ٽيم 6 ميچون کٽيون آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2009ع ۾ انگلينڊ ۾ هڪ ميچ کيڏي وئي جيڪا پاڪستان جي ٽيم کٽي 2010ع ۾ نيوزيلينڊ 3 ميچون کيڏيون جنهن ۾ پاڪستان هڪ ميچ کٽي. 2012ع ۾ سريلنڪا ۾ ٽيمن وچ ۾ هڪ ميچ کيڏي وئي جيڪا پاڪستان جي ٽيم کٽي. 2009ع ۾ يو اي اي ۾ پڻ ٻه ميچون ٿيون جيڪي پڻ پاڪستان کٽيون. 2010ع ۾ ويسٽ انڊيز ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هڪ ميچ کيڏي وئي جيڪا نيوزيلينڊ جي ٽيم کٽي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *