ٽينس جي تازي عالمي رينڪنگ مردن جي سنگلز مقابلن ۾ نوويڪ جو ڪو وچ عورت جي سنگلز مقابلن ۾ سرينا وليمز پهرين نمبر تي

پيرس (اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن طرفان جاري ڪيل ٽينس جي تازي عالمي رينڪنگ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن ۾ 9 گرينڊ سلام جي فاتح سربيا جو نوويڪ جوڪووچ پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ٽينس اسٽار رافيل نڊال کان پهرين پوزيشن کسجي وئي آهي. رينڪنگ ۾ راجر فيڊرر بئي نمبر تي آهي. جڏهن ته رافيل نڊال هاڻي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. سوئس اسٽار اسٽانسلاس وارينڪا چوٿين نمبر تي آهي. عورتن جي سنگلز مقابلن ۾ آمريڪا جي سرينا وليمز پهرين نمبر تي، ماريا شير پوا بئي نمبر تي آهي. رومانيه جي سيمونا هاليپ تئين، جڏهن ته جمهوريه چيڪ جي پٽيرا ڪويٽوا چوٿين نمبر تي آهي. پولينڊ جي اگنيسڪارا ڊوانسڪا ڇهين نمبر تي هلي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *