ٽينس اسٽار اعصام الحق سريلنڪا ۾ قومي ٽينس ٽيم کي جوائن ڪري ورتو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) عالمي قومي ٽينس اسٽار اعصام الحق قريشي سريلنڪا ۾ قومي ٽينس ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي. پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن جي اختيارين موجب پاڪستان ۽ ڪويت جي ٽيمن وچ ۾ ڊيوس ڪپ ٽائي 6 کان 8 مارچ تائين سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. اختيارين موجب ٽائي ۾ شرڪت لاءِ عقيل خان، عابد علي اڪبر ۽ احمد چوڌري پاڪستان کان سريلنڪا پهچي ويا آهن. اعصام الحق دبئي کان سڌيءَ ريت سريلنڪا پهچي ڪري ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي. اختيارين ٻُڌايو ته ٽائي لاءِ باصلاحيت رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي ۽ توقع رکون ٿا ته ڪويت خلاف ڊيوس ڪپ ٽائي ۾ قومي ٽيم شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري ڪاميابي حاصل ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *