ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندس: ڪين وليمسن

ڊونيبن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين آل رائونڊر ڪين وليمسن چيو آهي ته سيريز جي ايندڙ ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي سبب ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندس. هن چيو ته سريلنڪن ٽيم جي خلاف چوٿين ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي. هن چيو ته سندس ٽيم سريلنڪن مهمان ٽيم کي پنجين ميچ ۾ هارائي سيريز ۾ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائيندي. هن چيو ته ستن ميچن جي سيريز ۾ 1-2 جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ٽيم جي کٽڻ جو چانس وڌيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ٽيم مهمان ٽيم خلاف ون ڊي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ راند جي هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن پوري ٽيم جي تعريف ڪئي. ڪين وليمسن چيو ته سريلنڪا جي خلاف پنجين ميچ ۾ ٽيم جي رانديگرن جي ڪارڪردگيءَ کي برقرار رکڻو پوندو ۽ هو ٽيم مان پراُميد آهي ته رانديگر ون ڊي سيريز جي باقي ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي کي برقرار رکندي سيريز پنهنجي نالي ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *