ٽنڊولڪر ورلڊ ڪپ ۾ 25 ٽيمن کي کيڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سڊني(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ماسٽر بلاسٽر سچن ٽنڊولڪر آءِ سي سي طرفان ايندڙ ميگا ايونٽ ۾ ٽيمن جو تعداد 14 مان گهٽائي 10 ڪرڻ جي مخالفت ڪندي ورلڊ ڪپ ۾ 25 ٽيمن جي شموليت جو مطالبو ڪري ڇڏيو  هاڻوڪي ورلڊ ڪپ لاءِ آءِ سي سي جي سفير سچن ٽنڊولڪر ايسوسئيٽ ٽيمن جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت تي آواز اٿاري ڇڏيو سڊني ۾ منعقد خاص دعوت ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته آءِ سي سي کي ايندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ٽيمن جو تعداد محدود ڪرڻ بجاءِ ان ۾ 25 ٽيمن کي شرڪت جو موقعو ڏيڻ گهرجي، هن اها به تجويز پيش ڪئي ته ڪائونسل جي فل ميمبر سان پنهنجي اي سائيڊز کي ايسوسئيٽ ملڪن سان مقابلن لاءِ ميدان ۾ لاهيندا رهن، ان سان ننڍين ڪرڪيٽ قومن کي صلاحيتون بهتر بڻائڻ لاءِ مناسب پليٽفارم فراهم ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *