ٻئين پرائم منسٽر بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽرافي 27 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)اسلام آباد بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪلب جي انتظام هيٺ ٻين پرائم منسٽر بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽرافي 27 آڪٽوبر کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اختيارين موجب ٽورنامينٽ ۾ سڄي ملڪ مان 6 ٽيمون شرڪت ڪنديون. جن ۾ اسلام آباد، بينظير آباد، ڪشمير، پشاور، بهاولپور ۽ گجرانوالا شامل آهن. ٽورنامينٽ جون سموريون ميچون پي اي ايف ڪرڪيٽ گرائونڊ اسلام آباد ۽ ايف نائن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيون وينديون. ٽورنامينٽ جا سيمي فائينل مقابلا 30 آڪٽوبر ۽ فائينل 31 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *