يونس خان پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جو دورو،شهيدن کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه پڙهي

پشاور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر يونس خان چيو آهي ته پشاور سانحي جي شهيدن جي وارثن سان گڏ آهيان، ڪيوي ٽيم به ان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو هو، يونس خان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جو دورو ڪيو، جتي سڪيورٽي فورسز جي عملدارن کيس پشاور سانحي بابت بريفنگ ڏني، يونس خان شهيدن جي روح کي ثواب رسائڻ لاءِ فاتحه پڻ پڙهي ۽ سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو، هن چيو ٻڌايو ته نيوزيلينڊ جي رانديگرن کيس ڪجھه پيسا به ڏنا آهن جيڪي هو اسڪول جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *