يارهون ورلڊ ڪپ ڪرڪٽ ٽورنامينٽ سڀاڻي کان شروع ٿيندو، 14 ٽيمون اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهنديون

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) عالمي دنيا جو اهم ايونٽ يارهون ورلڊ ڪپ ڪرڪٽ ٽورنامينٽ (سڀاڻي) ويلنٽائن ڊي 14 فيبروي کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ 14 ٽيمون اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ مقابلا ڪنديون. عالمي ڪپ کٽيندڙ ٽيم لاءِ 48 لک ڊالرن جي رقم مختص، جڏهن ته رنر اپ لاءِ 25 لک ڊالر، سيمي فائنل هاريندڙ ٽيمن لاءِ 7 لک 66 هزار ڊالر رکيا ويا آهن. ورلڊڪپ شروع ٿيڻ ۾ باقي 11 ڏينهن رهجي ويا آهن. جنهن ۾ 14 ٽيمون اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ مقابلا ڪنديون. جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، ڀارت، ڏکڻ آفريقا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات جون ٽيمون شامل آهن. پاڪستان پنهنجي ورلڊڪپ جي شروعات 15 فيبروري تي ايڊيليڊ اوول گرائونڊ م ڀارت سان ميچ کيڏي ڪندو. ميگا ايونٽ جو پهريون ڪوارٽر فائينل 18 مارچ، پهرين سيمي فائينل ميچ 24 مارچ، ٻي ميچ 26 مارچ ۽ فائينل 29 مارچ تي کيڏيو ويندو. ورلڊ ڪپ ڪرڪٽ جي دنيا ۾ هن وقت تائين آسٽريليا جي قسمت ٻين ٽيمن جي ڀيٽ ۾ اڳڀري رهي آهي. مجموعي طور تي 10 ورلڊڪپ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ آسٽريليا 6 ڀيرا فائينل ۾ آيو 4 کٽيائين ۽ 2 هارايائين. جڏهن ته ڀارت 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو ، 2 ڀيرا کٽيو هڪ ڀيرو هارايو. اهڙي ريت ويسٽ انڊيز به 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو 2 کٽيائين ۽ هڪ هارايائين. سريلنڪا 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو هڪ ڀيرو کٽيائين ۽ 2 ڀيرا هارايائين. پاڪستان 2 ڀيرا فائينل ۾ آيو هڪ ڀيرو کٽيائين ۽ هڪ ڀيرو هارايائين جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم 3 ڀيرا فائينل ۾ آئي آهي ۽ بدقسمتي سان هڪ به ميچ نه کٽي اٿس. 1975ع واري پهرين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ ويسٽ انڊيز 17 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. 1979ع ۾ کيڏيل ٻئين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ ويسٽ انڊيز 92 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. 1983ع ۾ کيڏيل ٽئين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ ڀارت 43 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، 1987ع ۾ کيڏيل چوٿين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ آسٽريليا 7 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.. 1992ع ۾ کيڏيل پنجين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ مصابلو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان 22 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 1996ع ۾ کيڏيل ڇهين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ سريلنڪا ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ سريلنڪا 7 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي. 1999ع ۾ کيڏيل ستين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ آسٽريليا ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ آسٽريليا جي ٽيم 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 2003ع ۾ کيڏيک اٺين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ آسٽريليا جي ٽيم 125 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 2007ع ۾ کيڏيل نائين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ آسٽريليا ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ آسٽريليا جي ٽيم 53 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 2011ع ۾ کيڏيل ڏهين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ڀارت ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي.جنهن ۾ ڀارت جي ٽيم 6 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *