آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) اسٽار آمريڪن پليئر وينس وليمز نئين سال ۾ جاندار شروعات ڪندي آڪلينڊ ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامينٽ وومينز سنگل ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو، وليمز فيصلي جوڳي ميچ ۾ ڪيرولين وزنائيڪي کي شڪست ڏئي ڪيريئر جو 16هون ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، نيوزيلينڊ ۾ کيڏيل وومينز سنگل ايونٽ جي فائنل ۾ وينس وليمز شاندار راند پيش ڪندي مخالف ڊينمارڪ جي رانديگرياڻي ڪيرولين وزنائيڪي کي 6-2، 3-6 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.