ويرات ڪوهلي آسٽريلوي سر زمين تي ڪينگروز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ 3 سينچريون ٺاهيندڙ ٻيو ڀارتي بيٽسمين بڻجي ويو

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ويرات ڪوهلي آسٽريلوي سر زمين تي ڪينگروز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ 3 سينچريون ٺاهيندڙ ٻيو ڀارتي بيٽسمين بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ اهو ڪارنامو سنيل گواسڪر انجام ڏئي چڪو آهي. تفصيل موجب ميلبورن ٽيسٽ جي ٽين ڏينهن ويرات ڪوهلي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 169 رنسن جي دلڪش اننگ کيڏي جنهن ۾ 18 چوڪا شامل هئا. هي سندس ڪيريئر جي بيسٽ ۽ 9 سينچري آهي. اهڙي طرح هو آسٽريليا ۾ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ 3 سينچريون اسڪور ڪندڙ ٻيو ڀارتي بيٽسمين بڻجي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *