ون ڊي ٽيم جي قيادت، وقار يونس پنهنجو ووٽ اظهر کي ڏئي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊڪوچ وقار يونس پي سي بي چيئرمين کي قيادت ۽ سليڪشن ڪميٽي جي حوالي سان پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪري ڇڏيو ٻنهي جي گذريل ڏينهن فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ذريعن مطابق چيف ڪوچ قيادت لاءِ پنهنجو ووٽ اظهر علي کي ڏئي ڇڏيو جڏهن ته سليڪشن ڪميٽي جي سربراهي لاءِ انضمام الحق، راشد لطيف ۽ وسيم باري جا نالا ڏنا آهن، ياد رهي ته ميگا ايونٽ ۾ ناقص ڪارڪردگي سبب شهريار خان سليڪشن ڪميٽي جي تبديلي جو اشارو به ڏئي چڪو آهي نئين چيف سليڪٽر لاءِ اڳوڻن ڪرڪيٽرن وسيم باري، محسن خان ۽ اقبال قاسم جا نالا غور هيٺ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *