ورلڊ ڪپ 2015ع جي ميچ ۾ آئرلينڊ گڏيل عرب امارات کي دلچسپ مقابلي بعد 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي لڳاتار ٻي ڪاميابي ماڻي ورتي

برسبين(اسپورٽس نيوز) 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ آئرلينڊ گڏيل عرب امارات کي دلچسپ مقابلي بعد 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي لڳاتار ٻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. آئرلينڊ جي ٽيم 279 رنسن جو هدف آخري اوور جي 2 بال تي 8 وڪيٽن جي نقصان تان حاصل ڪيو. 171 رنسن جي مجموعي اسڪور تي 5 وڪيٽون ڪِرڻ بعد ڪيون اوبرائن 25 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 8 چؤڪن جي مدد سان 50 رنسن جي جارحاڻي اننگ کيڏي، ميچ جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه گيري ولسن 80 رنسن جي ذميداراڻي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گڏيل عرب امارات جي شيمن انور جي رڪارڊ سينچري ضايع ٿي وئي. اربع ڏينهن برسبين جي گرائونڊ تي آئرلينڊ جي ڪپتان ٽاس کٽي گڏيل عرب امارات کي پهريان کيڏڻ جي دعوت ڏني، جنهن جي جواب ۾ گڏيل عرب امارات جي ٽيم شيمن انور جي سينچريءَ عيوض 9 وڪيٽن جي نقصان تي 278 رنسون ٺاهيون. شيمن انور ورلڊ ڪپ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ گڏيل عرب امارات جو پهريون رانديگر آهي. گڏيل عرب امارات طرفان شيمن کان علاوه امجد جاويد 42 ۽ خرم خان 36 رنسن جي اهم اننگ کيڏي. آئرلينڊ طرفان ڪيون اوبرائن، ڪيو سيڪ، سورنسن ۽ اسٽرلنگ 2-2 وڪيٽون ورتيون. هدف پٺيان آئرلينڊ ٽيم جي شروعات سٺي نه هئي ۽ 4 رنسن تي پهرين وڪيٽ تي جو نقصان کنيو. پر بعد ۾ ڪيون اوبرائن 25 رنسن تي جارحاڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪري ميچ جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو ۽ آئرلينڊ آخري اوور ۾ هدف مڪمل ڪري ڪاميابي ماڻي. آئرلينڊ طرفان گيري ولسن 80، ڪيون اوبرائن 50، پورٽر فيلڊ 37 رنسن سان نمايان رهيا. گڏيل عرب امارات طرفان امجد جاويد 3، جڏهن ته محمد نويد ۽ محمد توقير 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *