ورلڊ ڪپ 2015ع: بنگلاديش هٿان اسڪاٽلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست

نيلسن(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش اسڪاٽلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي، نيلسن ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ بنگلاديش اسڪاٽلينڊ کي ٽاس کٽي پهريان کيڏن جي دعوت ڏني اسڪاٽلينڊ ڪوئيٽرز جي 156 رنسن جي مدد سان 318 رنسون اسڪور ڪيون، ميچن 35 ۽ مومسن 39 رنسون ٺاهيون، بنگلاديش طرفان تسڪين احمد 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو بنگلاديش گهربل هدف چئن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، تميم اقبال نروس نائينٽيز جو شڪار ٿيو، هن 95 رنسون ٺاهيون، محمد الله 62 ۽ مشفق الرحيم 60 رنسون ٺاهيون، شڪيب الحسن ناٽ ائوٽ 52 ۽ صابر رحمان ناٽ آئوٽ 42 رنسون ٺاهيون، اسڪاٽلينڊ طرفان ديوي 2، وارڊ لا ۽ ايوينز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، ڪي جي ڪوئيٽرز کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *