ورلڊ ڪپ 2015، ڀارت هٿان ويسٽ انڊيز کي 4 وڪيٽن تان شڪست

پرٿ(اسپورٽس نيوز) پول بي جي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم 182 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪپتان جيسن هولڊر هاف سينچري مڪمل ڪري 57 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، ڊيرن سيمي 26، ڪرس گيل ۽ جوناٿن ڪارٽر 21، 21 رنسون ٺاهيون، ڀارت طرفان محمد شامي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جوابي اننگز ۾ ڀارت کي 11 رنسن تي پهرين وڪيٽ جو نقصان کڻڻو پيو شکر ڌون کانپوءِ روهت شرما به جلد آئوٽ ٿي ويو آسان هدف سامهون انڊين ٽيم جي 63 رنسن  تي ٽئين ۽ 78 رنسن تي چوٿين وڪيٽ ڪري  107 رنسن تي پنجين وڪيٽ ڪري جڏهن ته سريش رائنا 22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ۽ جڊيجا به 13 رنسون ٺاهي سگهيو، ڪپتان ڌوني 56 بارلن ۾ 45 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو ان سان گڏ اشون 32 بالن ۾ 16 رنسون ٺاهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *