ورلڊ ڪپ 2015، بدڪلامي ۽ آءِ سي سي قانون جي خلاف ورزي تي رانديگرن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو

ميلبورن (اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ورلڊ ڪپ 2015 دوران بدڪلامي ۽ آءِ سي سي قانون جي خلاف ورزي تي رانديگرن تي پابندي هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ ٻن رانديگرن وچ ۾ بدڪلامي ۽ ضرورت کان وڌيڪ جملا ڳالهائڻ جي انهن جي خلاف ڪارروائي ڪندي راند جي عالمي گورننگ باڊي هڪ دفعو غلطي جي صورت ۾ ڏنڊ وجهندي جڏهن ته ٻيو دفعو غلطي ٿيڻ ي ڄاڻايل رانديگر کي مئچ مان نيڪالي ڏني ويندي ان حوالي سان آءِ سي سي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ رچرڊسن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 14 فيبروري کان 29 مارچ تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ فيلڊ مين پهريان کان خراب رڪارڊ رکندڙ رانديگر ٻيهر آءِ سي سي قانونن جي خلاف ورزي ڪندو ته ان جي مئچ کيڏڻ تي لازمي پابندي مڙهي سگهجي ٿي هي فيصلو رچرڊسن ميلبورن ۾ سمورن ٽيمن جي رانديگرن جي موجودگي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو هن ٻڌايو ته مان سمجهان ٿو ته ڪجهه رانديگرن پاران ڪجهه مهينا اڳ شروع ٿيندڙ هي ناقابل قبول عمل نوجوان ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ بهتر مثال نه آهي ڪجهه مهينا اڳ ٻطرفو سيريز ۾ 12، 13 جي ڪوڊ آف ڪنڊٽ تحت ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڪارروائي پهريان ئي شروع ٿي چڪي آهي مئچ ريفري پاران عائد ڪيل پينالٽي پهريان کان سنگين هوندي پر اسان کي اميد آهي ته هر هڪ سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *