ورلڊ ڪپ 2015، انگلينڊ هٿان افغانستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست

سڊني(اسپورٽس نيوز)سڊني ۾ افغانستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون پر رانديگرن کان وڌيڪ برسات پنهنجي راند کيڏاري افغانستان 36.2 اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي 111 رنسون ٺاهيون انگلينڊ طرفان ڪرس جورڊن ۽ روي بوپارا 2، 2 رانديگر آئوٽ ڪيا، ان دوران 3 ڀيرا برسات سبب راند کي روڪيو ويو، شفيق الله 30 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، برسات ختم ٿيڻ تي ميچ آفيشلز محدود ڪندي انگلش ٽيم کي 25 اوورن ۾ 101 رنسن جو هدف ڏنو جيڪو هن هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 18.1 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو ايلڪس هيلز 37 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، اين بيل ون ڪيري جي 35 هين هاف سينچري ٺاهي نمايان رهيو هن 52 رنسون ٺاهوين ۽ ناٽ آئوٽ رهيو انگلش ٽيم 6 گروپ ميچن ۾ ٻئين فتح حاصل ڪئي جڏهن ته ورلڊ ڪپ ڊيبيو ڪندڙ افغانستاني ٽيم ايونٽ ۾ صرف هڪ ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *