ورلڊ ڪپ ۾ ٻرندڙ زنگ وڪيٽون استعمال ڪيون وينديون

دبئي (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ ٻرندڙ زنگ وڪيٽون استعمال ڪيون وينديون، ايونٽ ۾ شريڪ ٽيمن کي پهريائين سيڊنگ جي بنياد تي 2 پولن ۾ ورهايو ويو آهي. هر پول مان چار ٽيمون ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون. هر ڪاميابي تي 2، مقابلو برابر ٿيڻ يا نتيجو نه نڪرڻ تي ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملندو. گروپ اسٽيج تي جيڪڏهن ٻن يا وڌيڪ ٽيمن جا پوائنٽ برابر رهيا ته اها ئي ٽيم اڳتي ويندي جنهن جو رن ريٽ بهتر هوندو. رن ريٽ تحت به مقابلو برابر ٿئي ٿو ته مقابلن جي نتيجن ۽ رن ريٽ جي گڏيل بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو. اهو ئي فارمولو ڪوارٽر فائنلز ۾ به اختيار ڪيو ويندو.  واضح رهي ته اها ڳالهه اڳ ئي آءِ سي سي پاران واضح ڪئي وئي آهي ته رزرو ڊي صرف ناڪ آئوٽ ميچن لاءِ هوندا. ٽاءِ ميچن جي فصلن لاءِ سپر اوور نه ٿيندا ۽ جيڪڏهن فائنل ۾ مقابلو برابر رهيو ته ٻنهي ٽيمن کي گڏيل چيمپئن قرار ڏنو ويندو. ايونٽ ڊي آر ايس جو به استعمال ڪيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *