ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انتطاميا ڪيترن ئي رانديگرن کي ڪڍڻ جو ارادو رکي ٿي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انتطاميا ڪيترن ئي رانديگرن کي ڪڍڻ جو ارادو رکي ٿو، ڪرڪيٽرن قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگيءَکان پوءِ امڪاني ڀڃڊاهه خلاف وقت کان اڳ بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ رانديگرن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان مڃيو ته رانديگرن سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. چيئرمين چيو ته رانديگرن سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي کٽڪا ظاهر ڪيا آهن، رانديگرن ميگا ايونٽ کان اڳ ٽِن مهينن جي معاهدي کي رد ڪندي هڪ سال جي معاهدي جو مطالبو ڪيو آهي. رانديگر پنهنجي موقف تي ڃمي ويا آهن، پر بورڊ کي اميد آهي ته ورلڊ ڪپ کان اڳ وچون رستو نڪري ايندو. مصباح الحق جيڪو ورلڊ ڪپ کان پوءِ ون ڊي انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي، اهو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن سان سڌو سنئون رانديگرن جي حقن لاءِ ڳالهين ۾ مصورف آهي. شهريار خان ۽ مينيجر نويد اڪرم چيمه رانديگرن کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن لاءِ ٽِن مهينن وارو سينٽرل ڪانٽريڪٽ اوچتو ناهي، کين شروع ۾ ٻڌايو ويو هو ته بورڊ کين ٽِن مهينن جو معاهدو ڏيندو، پي سي بي انتظاميا ورلڊ ڪپ کان پوءِ ڪيترن ئي سينيئر رانديگرن کي هٽائڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ ورلڊ ڪپ کان پوءِ جيڪو سيٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويندو ان ۾ ورلڊ ڪپ جي ناڪام رانديگرن کي اي، بي ۽ سي ڪيٽيگري ڪيو ويندو. ان بابت ٽيم جي نيوزيلينڊ روانگي کان اڳ رانديگرن جون بورڊ عملدارن سان ڪيتريون ئي ميٽنگون ٿي چڪيون هيون، پر رانديگر ٽِن مهينن جي معاهدي ۽ ڪيترين شقن تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن، صحافين سان ڳالهائيندي شهريار خان چيو ته رانديگرن کي خطرو آهي ته جيڪڏهن هو ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندا ته بورڊ سندن ڪيٽيگريءَ گھٽ ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته منهنجي مصباح سان سڌي سنئين ڳالهه ٿي رهي آهي پر هو هِن وقت پنهنجي مطالبن تي ڃميل آهن، اڳوڻي سفارتڪار جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ پهچي به اسان رانديگرن سان رابطي ۾ آهيون کين چيو آهي ته هو پنهنجي مطالبن تي نظرثاني ڪن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *