ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني حتمي اسڪواڊ جو اعلان

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي ايندڙ مهيني آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ 15 رڪني قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رولڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ سهيل خان، احسان عادل، ياسر شاهه ۽ سهيب مقصود کي شامل ڪيو ويو آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ چيف سليڪٽر معين خان سليڪشن ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽ هارون رشيد جي موجودگي ۾ 15 رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو. معين خان چيو ته کيس ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته 23 سال اڳ 1992ع ۾ عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جيڪو عالمي ڪپ کٽيو هو ان ٽيم جو هو پاڻ به حصو هو. ورلڊ ڪپ لاءِ اڳ اعلانيل 30 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل نه هجڻ جي باوجود سهيل خان کي 15 رڪني حتمي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. يو اي اي ۾ تازو ٿيل نيوزيلينڊ سان سيريز ۾ شامل ڪجهه اهم رانديگرن کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ کان ٻاهر رکيو ويو آهي جنهن ۾ ناصر جمشيد، انور علي، اسد شفيق، سهيل تنوير ۽ ذوالفقار بابر شامل آهن. عمر گل ۽ بلاول ڀٽي کي زخمي هجڻ جي ڪري ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو. ورلڊ ڪپ جي اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ احمد شهزاد، محمد حفيظ، يونس خان، مصباح الحق (ڪپتان) حارث سهيل، سهيب مقصود، عمر اڪمل، سرفراز احمد (وڪيٽ ڪيپر)، شاهد آفريدي، سهيل خان، جنيد خان، محمد عرفان، وهاب رياض، احسان عادل ۽ ياسر شاهه شامل آهن جڏهن ته ٽيم مينيجمينٽ ۾ نويد اڪرم چيمه مينيجر، وقار يونس هيڊ ڪوچ، گرانٽ فلاور بيٽنگ ڪوچ، مشتاق احمد اسپن بالنگ ڪوچ، فيلڊنگ ڪوچ گرينڊ ليوڊن، فزيو / ٽرينر براڊ رابنسن، اسسٽنٽ ڪوچ شاهد اسلم، آغا اڪبر ميڊيا مينيجر، سيڪيورٽي آفيسر، ڪرنل (ر) محمد اعظم خان ۽ مبصر طلحهٰ بٽ شامل آهن. عالمي ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 14 فيبروري 2015ع کان 29 مارچ 2015ع تائين آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *