ورلڊ ڪپ وارم ميچز: زمبابوي سريلنڪا کي 7 وڪيٽن تان هارائي مخالف ٽيمن لاءِ خطرو بڻجي ويو

ڪرائسٽ(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ وارم اپ ميچز ۾ زمبابوي سريلنڪا کي 7 وڪيٽن تان هارائي ڪري مخالف ڌُرين لاءِ خطرو بڻجي ويو. ميزبان نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي 134 رنسن تان شڪست ڏني. گذريل ڏينهن تي لنڪولن ۾ کيڏيل وارم اپ ميچ ۾ سريلنڪا پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 279 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ زمبابوي ٽيم گهربل هدف 46هين اوور جي ٻي بال تي رڳو 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيون. جڏهن ته ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلنڊ ڏکڻ آفريڪا کي 134 رنسن جي ڳري مارجن تان هارايو. ڪيوي ٽيم پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن 331 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي سموري ٽيم 44.2 اوورن ۾ 197 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *