ورلڊ ڪپ دوران ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اوپنر احمد شهزاد کي ڪرڪيٽ شوقينن جو شڪريو ادا ڪرڻ مهانگو پئجي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ دوران ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اوپنر احمد شهزاد کي ڪرڪيٽ شوقينن جو شڪريو ادا ڪرڻ مهانگو پئجي ويو ۽ عورت مداح کيس ذليل ڪري ڇڏيو جنهن تي مجبورن احمد شهزاد کي ڪمنٽ ڊيليٽ ڪرڻي پئي پر عورت پنهنجي ڪمينٽ جي پهريان ئي اسڪرين شاٽ وٺي ڇڏي هئي جيڪا ٻيهر شيئر ڪئي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ احمد شهزاد لکيو ته محبت ۽ ساٿ ڏيڻ تي سمورن ماڻهن جي مهرباني پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو ۽ اسان جي ٽيم ۾ منهنجي حمايت ڪندا رهو، اسان سڀني اوهان جي خواهشن ۽ اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان ايئن نه ٿي سگهيو احمد شهزاد جو اسٽيٽس اپ ڊيٽ ٿيندي ئي هڪ مداح ڀڙڪي پئي ۽ ڪمينٽ ۾ لکيو ته جيڪڏهن هو اڪيلو واپس اچي ته هو ڪا بد دعا ڏئي ها پر ايئن نه ٿي ڪري سگهي ايترو ضرور آهي ته هو ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسي پئي ۽ جڏهن ان مشڪل مان جان ڇڏائي پاڪستان پهچي ته ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جي رانديگرن جي چونڊ ٿي چڪي هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *