ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل مقابلن لاءِ امپائرن ۽ ميچ ريفريز جو اعلان

دبئي(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ميچن لاءِ امپائرز ۽ ريفريز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل اعلامئي مطابق ورلڊ ڪپ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ 18 مارچ تي سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سڊني ۾ کيڏي ويندي جنهن ۾ امپائر جا فرض روڊ ٽڪر ۽ نگل لونگ انجام ڏيندي جڏهن ته ڊيوڊ بون ميچ ريفري هوندو، ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ 19 مارچ تي ميلبورن ۾ کيڏي ويندڙ ٻئين ڪوارٽر فائنل ميچ ايان گولڊ ۽ عليم ڊار سپروائز ڪندا جڏهن ته روشن ماهناما ميچ ريفري هوندو اعلامئي مطابق پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 20 مارچ تي ايڊليڊ ۾ کيڏي ويندڙ ٽئين ڪوارٽر فائنل مقابلي ۾ڪمار ڌرماسينا ۽ ماريس ايرسموس امپائر جڏهن ته رنجن مدوگالي ميچ ريفري هوندا اهڙي طرح 21 مارچ تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندڙ چوٿين ڪوارٽر فائنل ۾ رچرڊ ڪيٽل بورو ۽ بروس آڪسفورڊ سپرائيزر هوندا جڏهن ته ڪراس براڊ ميچ ريفري جا فرض انجام ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *