ورلڊ ڪپ، پروٽيز چوڪرز جو داڳ پاڻ تان نه هٽائي سگهيا، نيوزيلينڊ فائنل ۾ داخل

آڪلينڊ(اسپورٽس نيوز)ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان اي بي ڊويليئرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پروٽيز پهريان کيڏندي مقرر 43 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 281 رنسون ٺاهيون برسات سبب ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت ڏکڻ آفريڪا کي اضافي 18 رنسون ڏنيون وين ۽ ان طرح نيوزيلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 298ع رنسن جو هدف مليو، ڏکڻ آفريڪا طرفان اوپننگ بيٽسمين هاشم عاملا 10، ڊي ڪوڪ 14 رنسون ٺاهي پويلين واپس هليا هليا، ڊوپليسز هڪ 6 ۽ ستن چوڪن جي مدد سان 82 رنسن جي انگ کيڏي نمايان رهيو روسو 53 بالن تي 39، ملر 18 بالن تي 49 رنسن جي اننگ کيڏي، ڊويليئرز 65 اجي اسڪور سان ناقابل شڪست رهيو، نيوزيلينڊ طرفان بولٽ 2 ۽ اينڊرسن 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو نيوزيلينڊ گهربل هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، نيوزيلينڊ طرفان اوپننگ بيٽسمين گپٽل 34 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ميڪلم 4 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مد سان 26 بالن تي 59 رنسن جي جارحاڻي اننگ کيڏي، وليمسن صرف 6 رنسن جو اضافو ڪري سگهيو، ٽيلر 30 ۽ اينڊرسن 58 جي اسڪور تي پويلين هليا ويا ايليٽ 73 بالن تي 84 رنسن جي ڪامياب اننگ کيڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *